ضياء محي الدين

ضياء محي الدين

ضياء محي الدين

ضياء محي الدين: مشھور اداڪار، ڊراما نويس، ڪالم نگار ۽ ڪمپيئر ضياء محي الدين 20 جون 1931ع تي فيصل آباد ۾ ڄائو. سندس تعلق علمي ادبي گهراڻي سان هو. هن جو والد خادم محي الدين ديال سنگهه ڪاليج لاهور ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرر هو. سندس والد کي موسيقيءَ ۽ ڊرامي سان تمام گهڻي دلچسپي هئي ۽ کيس پاڪستان جي پھرين فلم ’تيري ياد‘ جي مصنف ۽ مڪالمه نگار ھجڻ جو اعزاز حاصل آھي.’ ضياءَ محي الدين کي فنون لطيفا جو شوق ورثي ۾ مليو. هن لکڻ جي شروعات 1951ع ڌاري شاگرديءَ واري دؤر کان ڪئي ۽ هڪ بھترين افسانا نگار طور پاڻ مڃايو. 1953ع ۾ ھُو برطانيا هليو ويو.جتي لنڊن جي ”رائل اڪيڊمي آف ڊراماٽڪ آرٽ“ مان اداڪاريءَ جي باقاعدي ترتيب حاصل ڪئي. تربيت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اُتي ئي ’سينٽرل ٽيليويزن‘ سان وابسته ٿيو. ان دوران ڪڏهن ڪڏهن پي. ٽي. وي تي پروگرام ڪرڻ لاءِ پاڪستان ايندو رهيو. 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي پاڪستان لڏي آيو ۽ 1973ع ۾ پي. آئي. اي آرٽس اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. هن پي. ٽي. وي تانضياء محي الدين شو‘ نالي پروگرام شروع ڪيو، جنھن تي کيس تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. هالي ووڊ جي مشھور فلمن ’لارنس آف عربيا‘ ۽ ’بي هولڊ اي. پيل هارس‘ ۾ اداڪاري ڪئي. روزاني ’نيوز‘ ۾ ھن ادبي ڪالم به لکيا. ھن جو ڪتاب “A Carrot is a Carrot” مڪمل ادبي شھه پارو آھي. کيس ’ستاره امتياز (2003ع) ۽ ’ھلال امتياز (2012ع) اوارڊ ملي چڪا آھن. ضياء محي الدين 91 سالن جي عمر ۾ 13 فيبروري 2023ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ ضياء محي الدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.06.20  عيسوي

مشھور اداڪار، ڊراما نويس، ڪالم نگار ۽ ڪمپيئر ضياء محي الدين 20 جون 1931ع تي فيصل آباد ۾ ڄائو.


2023.02.13  عيسوي

ضياء محي الدين 91 سالن جي عمر ۾ 13 فيبروري 2023ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي مصطفيٰ حيدر
خليق الزمان مخدوم
ڀڳت گوبنداس
پکيئڙو محمد صديق
درس عليم فقير
رئيس امروهوي
شاهه محمد شاهه1
ابن فقيهه
سيد عالم شاهه
ارباب تاج محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون